پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽياوگرا پيٽروليم شين جي اگهن بابت سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. ذريعن موجب پهرين ڊسمبر کان 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽرول 2 روپيه 50 پئسا في ليٽر مهانگو ٿي سگهي ٿو جڏهن ته ڊيزل جي قيمت  2 روپيه 50 پئسن تائين وڌي سگهي ٿي. ذريعن موجب نومبر جي 15 تاريخ کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ جو رجحان آهي.ياد رهي ته 15 نومبر کان حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو هو. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي اگهن ۾  هڪ روپيه 71 پئسا جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ هڪ روپيه 79 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي هئي. اگهن ۾ گهٽتائي کان پوءِ پيٽرول جا نوان اگهه 100 روپيه 69 پئسا جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جا نوان اگهه 101 روپيه 43 پئسا ٿي ويا آهن. ان کان علاوهه لائٽ ڊيزل جا اگهه 62 روپيه 86 پئسا في ليٽر جڏهن ته گاسليٽ جا اگهه 65 روپيه 29 پئسا برقرار رکيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو