او آءِ سي جو توهين رسالت کي جرم قرار ڏيڻ جو مطا لبو

رياض (ويب ڊيسڪ) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) توهين رسالت کي جرم قرارڏيڻ  جو گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو آهي. او آءِ سي گڏيل قومن تي زور ڀريو آهي ته توهين رسالت تي پابندي جو قرارداد جاري ڪيو وڃي.اسلامي تعاون جي تنظيم او آءِ سي جو چوڻ آهي ته او آءِ سي هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام کي دهشتگردي سان ڳنڍڻ جي مخالفت ڪري ٿي اظهار جي آزادي جو مطلب عالمي برادري جي وچ ۾ ٽڪراءَ پيدا ڪرڻ ناهي.ٻئي طرف او آءِ سي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف العظيمين مسلم پرڏيهي وزيرن جي 47 هين سيشن کي خطاب ۾ چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ اهو موجوده دور جو هڪ ڪينسر آهي.ڊاڪٽر يوسف العظيمين چيو ته اسلام مخالف بيان قابل مذمت آهي جيتوڻيڪ ڪير به ان کي انجام ڏئي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو