عروه جي والد ڌيءَ جي طلاق بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي معروف اداڪاره عروه حسين جي والد پنهنجي ڌيءَ جي طلاق جي خبر کي من گھڙت ۽ غلط قرار ڏنو آهي. تازو ئي ، سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي شوبز سائيٽن دعويٰ ڪئي آهي ته اداڪاره عروه حسين ۽ گلوڪار فرحان سعيد الڳ ٿي ويا آهن.اها خبر سوشل ميڊيا تي جنگل کي  باهه وانگر پکرجي وئي ۽ سندس مداحن طرفان خدشا ظاهر ڪيا ويا.هاڻ اداڪاره عروه حسين جي والد انهن افواهن تي پنهنجي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي ۽ هن پنهنجي ڌيءَ جي ڪيترن ئي فين پيچز تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته اهو سڀ ڪوڙ آهي. عروه حسين جي والد پنهنجي هڪ تبصري ۾ چيو ته اهي سڀ افواهون ٺهيل آهن ۽ هن جي ڌيءَ ۽ سئوٽ خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن.واضح رهي ته اداڪاره عروه حسين ۽ گلوڪار فرحان سعيد طرفان هن معاملي تي ڪوبه بيان جاري ناهي ڪيو ويو.عروه حسين جي ڀيڻ ماورا حسين پڻ پنهنجي ڀيڻ جي طلاق بابت خبر تي رد عمل ظاهر نه ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو