موسيٰ گيلاني ڪارڪنن سميت ضمانت تي آزاد

ملتان (بيورو رپورٽ) ملتان جي جڊيشل مئجسٽريٽ جواد ظفر جي عدالت، اجازت کانسواءِ ريلي ڪڍڻ جي الزام ۾ گرفتار اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي موسيٰ گيلاني سميت گرفتار سڀني ڪارڪنن جي ضمانت منظور ڪري ورتي، پوليس علي موسيٰ گيلاني سميت پي ڊي ايم جي ڪارڪنن کي اسپيشل مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو، عدالت مان آزادي بعد موسيٰ کي گلن جا هار پارايا ويا. پيپلز پارٽي جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود هئا جن نعرا به هنيا. اڳواڻي ايم اين اي موسيٰ گيلاني چيو ته گرفتاري سان حوصلو وڌيو آهي 30 نومبر تي هر حال م جلسو ٿيندو ڪارڪن تياري ڪن. علي موسيٰ گيلاني جي گرفتاري جي بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻين اڳواڻن مذمت ڪندي چيو هو ته اها حڪومتي غنڊا گردي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو