گهر ويٺي ڪمائڻ وارن لاءِ گوگل جي نئين ايپليڪيشن

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)گوگل ٽاسڪ ميٽ نالي هڪ نئين ايپ متعارف ڪرائي  آهي جنهن جي ذريعي اسٽورن جي سامهون تصويرون ٺاهي  ويڊيو ڪلپس  ذريعي پئسا ڪمائي سگهبا جيڪڏهن توهان گهر کان ڪمائڻ گوگل جهڙي وڏي ڪمپني تان پئسا ڪمائڻ چاهيندا ته هاڻي توهان لاءِ بهترين موقعو آهي.هن وقت ايپ صرف هندستان ۾ صارفين کي مهيا آهي ايپ ۾ وڃڻ لاءِڪوڊ جي ضرورت پوندي جنهن کانپوءِ توهان ايپ تي ڪم ڪري سگهندا.ان کان پهريان گوگل  ريڊينز نالي هڪ ايپ لانچ ڪئي  هئي جنهن تي   گوگل جي پراڊڪٽس يا انهن جي جڳهن جي باري ۾ سوال پڇيا ويندا  بدلي ۾ پلي اسٽور ڪريڊٽ فراهم ڪيو ويندو آهي ٽاسڪ ميٽ  تي ڪم کي 2 قسمن ۾ ورهايو ويو آهي هڪڙو ڪم ويهي ڪم ڪرڻ  جيئن جملن کي رڪارڊ ڪرڻ ۽ ٻيو هلندي هلندي تصويرون ڪڍڻ  ۽ موٽ ۾ گراهڪن کي مقامي ڪرنسي ۾ ادائيگي ڪئي ويندي يا مڪمل ٿيڻ بعد صارفن کي بئنڪ اڪائونٽ يا موبائل والٽ تي پئسا وصول ٿيندا.هي ايپ  هندستان کان سواءِ ٻين ملڪن ۾  ڪڏهن متعارف ڪرايو ويندو اهو فلحال گوگل نه بڌايو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو