علي موسيٰ گيلاني ۽ ٻين جي ضمانت منظور

ملتان(ويب ڊيسڪ )  پي پي پي جي اڳواڻ علي موسيٰ گيلاني  ۽ ٻين گرفتارن  جي ضمانت منظو ر ٿي وئي آهي. اڳوڻي وزيرعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي موسيٰ گيلاني کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو ويو هو. علي موسيٰ گيلاني احتجاج جي لاءِ ٿاڻي چهليڪ پهتو هو جتي کيس گرفتار ڪيو ويو هو. پوليس پيپلز پارٽي طرفان بنا اجازت ريلي ڪڍڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي  پٽن کان علاه پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خواجه رضوان، ڊويزن صدر خالد لوڌي کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو هو. ان حوالي سان پ پ اڳواڻ قمرزمان ڪائره چيو هو ته حڪومت پاڻ جلسا ڪندي رهي آهي ۽ اپوزيشن جي جلسن تي پابندي لڳائيندي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو