پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪورونا جو شڪار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪرونا ٽيسٽ مثبت هئڻ جي تصديق ڪندي پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو قرنطينه ۾ آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وبائي مرض جون علامتون موجود آهن هو پنهنجي رهائشگاهه تان ڪم جاري رکندو ۽ وڊيو لنڪ ذريعي پيپلزپارٽي جي يوم تاسيس  کي خطاب ڪندو.بلاول ڀٽو زرداري عوام کي اپيل ڪئي ته پي پي جي يوم تاسيس ڏينهن جي تياري سان گڏ ماسڪ جو بندوبست ڪيو وڃي هو توهان جو ان تي عمل ڪرڻ جو انتظار ڪندو ياد رهي ته 27 نومبر تي بلاول جي وڏي ڀيڻ بختياور جي مگـڻي آهي بلاول ڀٽو زرداري جي ڪورونا مثبت اچڻ کانپوءِ تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ مشڪوڪ بڻجي وئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو