ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ۽ روزگار جا موقعا بند نه ڪبا،وزيراعظم

لاهور(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪارخانا ۽ روزگار جا موقعا بند نه ڪيا ويندا ۽ مڪمل لاڪ ڊائون نه ٿيندو.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته اسان مشڪل صورتحال مان بهتر طريقي سان نڪتا آهيون پر دنيا جو ڪو ٻيو ملڪ هن طرح نه نڪري سگهيوآهي هندستان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ سمجهيو وڃي ٿو  هن يو ته جيڪڏهن اسان ڪورونا جو  مقابلو نه ڪيو ته اسان جا معاشي حالت خراب ٿي سگهن ٿا.هن چيو ته جيڪڏهن اسان ڪرونا کي ڪنٽرول ڪيو هو ته قوم اسان جو ساٿ ڏنو هو اسان واحد ملڪ آهيون جنهن رمضان ۾ مسجدون بند نه ڪيون ۽ مسجدون ايس او پيز تحت مڪمل طور تي کليل رکيون.عمران خان چيو ته هن معاشري جي سمورن عالمن ۽ بزرگن کي اپيل ڪئي آهي ته هڪ ڀيرو الله پاڪ اسان تي احسان ڪيو هو هاڻي اسان سڀني کي گڏجي ذميواري قبول ڪرڻ گهرجي ڪورونا خلاف گڏجي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان ڪارخانا ۽ روز گار جا موقعا  بند نه ڪنداسين مڪمل طور لاڪ ڊائون نه ڪنداسين ڇاڪاڻ ته اسان پورهيت طبقي کي بيروزگار نٿا ڪرڻ چاهيون. هن چيو ته مان سڀني کي چوندس ته ايس او پيز تي عمل ڪريو ۽ ماسڪ پائڻ آسان طريقو آهي. اپوزيشن جي ريلين بابت پڇڻ تي هن چيو ته ڪورونا ريلين  ۽جلسن سان وڌيڪ پکڙجي ٿو . هن چيو ته ڪنهن کي اين آر او نه ملي رهيو آهي. هن چيو ته لاهور ۾ آلودگي وڌي وئي آهي پاڻي جو مسئلو آهي ۽ جيڪڏهن راوي رٿابندي نه ڪئي وڃي ته ڪجهه سالن ۾ لاهور اتي پهچندو ۽ بغير ڪنهن پلان جي پکڙجي ويندو.وزيراعظم چيو ته راوي ۽ بنڊل منصوبي جو بنيادي مقصد لاهور ۽ ڪراچي کي بچائڻ آهي ۽ هي هڪ سبز شهر بڻجي ويندو.هن چيو ته انهن منصوبن مان پرڏيهي سيڙپڪاري ايندي ۽ ڊالر پاڪستان ايندا ، انهن منصوبن سان ڪافي روزگار فراهم ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو