ڀارتي دهشتگردي جا يو اين سيڪريٽري جنرل کي ثبوت پيش

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ خطي ۾ ڀارتي دهشتگردي خلاف ڊوزيئر گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل آڏو پيش ڪري ڇڏيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل ايلچي منير اڪرم پاڪستاني ڊوزيئر گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس حوالي ڪيو. ان موقعي تي منير اڪرم چيو ته ڀارت سي پيڪ کي ڇيهو رسائڻ لاءِ پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي. منير اڪرم چيو ته ڀارت سي پيڪ رٿا کي ناڪام بڻائڻ لاءِ خصوصي سيل قائم ڪيو آهي، سلامتي ڪائونسل جي ميمبر ملڪن ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل ادارن آڏو به ڊوزيئر پيش ڪنداسين، ڀارت خلاف اسان جي ثبوتن کي رد نٿو ڪري سگهجي. ياد رهي ته ان ڊوزيئر جا تفصيل ڪجهه ڏينهن اڳ دي جي آءِ ايس پي آر پرڏيهي معاملن جي وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ پيش ڪيا هئا جن ۾ آڊيو، ويڊيو، تصويرون ۽ بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل به شامل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو