نيب خلاف خورشيد جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور

سکر (بيورو رپورٽ) پ پ ايم اين اين سيد خورشيد شاهه جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ درخواست 2 ڊسمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي ڊي جي نيب ۽ پراسيڪيوٽر سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، درخواست ۾ خورشيد شاهه موقف اختيار ڪيو آهي ته نيب آرڊيننس 1999ع تحت ڪنهن به شهري خلاف سپليمنٽري ريفرنس داخل نٿو ڪري سگهجي، نيب آرڊيننس ۾ سپليمينٽري ريفرنس جي گنجائش ناهي، نيب سکر خورشيد شاهه سميت 18 ڄڻن خلاف هڪ ارب 23 ڪروڙ جو ريفرنس تيار ڪري منظوري لاءِ نيب چيئرمين ڏانهن اماڻيو هو. خورشيد هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان گرفتار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو