رينجرز جي ڪارروائي پابندي مڙهيل تنظيم جا دهشتگرد گرفتار

ڪراچي (بيورو رپورٽ)سنڌ   رينجرز جي  ڪراچي گلشن معمار ۾ ڪارروائيءَ دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي 3 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب گلشن معمار ۾ ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي 3 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي سان آهي گرفتار  ٿيل دهشتگرد ڪراچي ۾ وڏي دهشتگردي ڪرڻ چاهين پيا.دهشتگردن پاڪستان سيڪيورٽي پرنٽنگ ڪارپوريشن ۽ ڪراچي ايئرپورٽ جي نگراني ڪئي هئي. ترجمان رينجرز  موجب دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ گوليون به هٿ ڪيون ويون آهن.دهشتگردن جي سڃاڻپ محمد خالد عرف منصور، اڪرام الله ۽ ياسين عرف ابو حنظله جي نالي سان ٿي آهي. جنهن مان 2 دهشتگرد تازو ئي افغانستان مان تربيت حاصل ڪري آيا آهن ۽ دهشتگردن کي قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو