سنڌ يونيورسٽي شاگردياڻين ۾ ڪورونا جي تصديق هاسٽل بند

ڄامشورو (رپورٽ ن سنڌيار) سنڌ يونيورسٽي جي ماروي هاسٽل جي  13 شاگردياڻين ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ مثبت آئي آهي جنهن کانپوءِ هاسٽل کي سيل ڪئي وئي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ گرلز هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردياڻين جي ڪورونا ٽيسٽ ورتي وئي هئي.جنهن بعد ماروي هاسٽل ۾ رهندڙ هڪ پرڏيهي شاگردياڻي سميت 13 شاگردياڻين جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي. اهڙا نتيجا اچڻ کانپوءِ ڪورونا ۾ مبتلا پرڏيهي شاگردياڻي کي لمس اسپتال ڄامشورو جي قرنطينه سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٻين شاگردياڻين جي والدين سان رابطو ڪري کين اطلاع ڏنو ويو جنهن بعد 5 شاگردياڻين کي سندن وارث وٺي ويا.سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان چيو آهي ته 13 شاگردياڻين ۾ ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ماروي هاسٽل کي سيل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو