سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف عوامي تحريڪ جو احتجاج

ٺٽو (رپورٽرجاويد لطيف ميمڻ )عوامي رابطا تحريڪ سنڌ پاران  اڄ وفاقي حڪومت طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي  سميت سنڌ جي مختلف مسئلن تي ھزارن جي تعداد ۾ ٻڌل ھڪ شاندار عوامي ريلي ڪڍي وئي جنھن جي قيادت عوامي رابطا تحريڪ جي مرڪزي صدر وڪيل سرور پليجو ـ مجد پليجو ـ وڪيل منور ڀٽو ڪئي عوامي پريس ڪلب ٺٽو مڪلي کان 3 ڪلو ميٽرن جو سفر طئي ڪري ريلي ٺٽي شھر جي ٽريفڪ پوليس چوڪي تائين پھتي ريلي  ۾ عورتن ـ ٻارن وڏن ۽ بزرگن سميت سول سوسائٽي ٺٽو سياسي ۽ سماجي تنظيمن جنھن ۾ جيئي سنڌ جي اڳواڻ نواز خان زنئور قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس سيڪريٽري اشرف پليجو ـ سنڌ  ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪن ۽ مرڪزي عھديدارن پڻ وڏي انگ ۾  شرڪت ڪئي ريلي کي جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ نواز خان زنئور ـ ايڊووڪيٽ سرور پليجو ـ امجد پليجو ۽ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس سيڪريٽري اشرف پليجو خطاب ڪندي چيو تـ ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن وفاق پاران سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪنھن بـه صورت ۾ برداشت نـ ڪيو ويندو اڳواڻن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو آھي تـ سنڌ جا ٻيٽ جلد کان جلد سنڌ جي حوالي ڪيا وڃن سنڌ ڪنھن جي ذاتي جاگير ناھي جو جيڪو ٿو ڪاوڙجي ۽ ناراض ٿئي اھو سنڌ جي قدرتي وسيلن ۽ ٻيٽن تي ٿو قبضو ڪري اڳواڻن سنڌ حڪومت تي ناراضگي جو اظھار ڪندي چيو تـ سنڌ جا حڪمران پاڻ تـ ڪرپٽ آھن جنھن سنڌ جي ناڻي جي ڀينگ ڪري سنڌ جي انفراسٽڪچر جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي سنڌ جي عوام کي نـ پيئڻ جو صاف پاڻي ٿو ڏنو وڃي سنڌ جي تعليم بربادي جي ڪناري تي آھي ـ سنڌ ۾ صحت جي کاتي سميت سمورن کاتن ۾ ڪرپشن عروج تي آھي مٿان وري سنڌ جا وسيلا وفاق کي وڪرو ڪري پنھنجي ڪرپٽ اڳواڻن کي بچائڻ ٿا چاھن جيڪا سراسر سنڌ سان ناجائزي آھي اڳواڻن سنڌ ۽ وفاق جي حڪمرانن تي واضح ڪيو تـ اگر سنڌ جي وسيلن جي ڦر مار بند نـ ڪئي وئي ۽ سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي حوالي نـ ڪيا ويا تـ موجودھ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت خلاف ڀرپور تحريڪ ھلائي ويندي ريلي دوران ريلي ۾ شريڪ ماڻھن ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران وفاقي ۽ سنڌ حڪومت خلاف اڀ ڏاريندڙ نعري بازي پڻ ڪئي وئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو