کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاء پيرين پنڌ قافلو پنڊي طرف جاري

ٽنڊومحمدخان (مظفر علي بروهي)سنڌ مان جبري کنڀي گم ڪيل ۽ لاپتا ٿيلن جي آزادي لاء ڪراچي کان نڪتل سنڌ سڀا جو پيادل لانگ مارچ قافلو ٽنڊومحمدخان شهر  کان ٿيندوپنھنجي منزل طرف روان دوان آهي . پيادل مارچ قافلي  جي اڳواڻي انعام عباسي  شازيا چانڊيو  ۽ ٻيا ڪري رهيا آهن لانگ مارچ قافلي جي ٽنڊومحمدخان شهر جي مختلف هنڌن تي  شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ مٿن گلن جي ورکا ڪندي اجرڪون پارايون ويون ان موقعي تي سنڌ سڀاء جي  اڳواڻن انعام عباسي شازيا چانڊيو  ٻين  ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته بنا سبب جي کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي آزادي لاء ھي پيادل لانگ مارچ ڪيو ويو آهي قومي ڪارڪنن سان سراسر ظلم ڪيو پيو وڃي ھنن چيو ته کنڀي گم ڪيل اسان جي پيارن کي ظاھر ڪيو وڃي اسان جا نوجوان ڏوھاري ناھن پوء آخر ڇو ايڏو ظلم ڪيو پيو وڃي ڪيترائي نوجوان  گذريل ڪيترائي سالن کان گم آهن اگر  سندن مٿان ڪو ڪيس وغيره داخل ٿيل آهي ته انھن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ھنن چيو ته گم ٿيل ماڻھن جا وارث سخت پريشان آهن اھڙي صورتحال رھي ته اسان جو احتجاج جاري رھندو  هنن وڌيڪ چيو  ته پنھنجن پيارن جي آزادي لاء  پيادل لانگ مارچ ڪندڙ  نوجوانن پوڙھن پڪن ۽ نياڻين جا پير پٿون ٿي ويا آهن پر ڪنھن کي به احساس ناھي گم ٿيل ڪارڪنن جي گھرن ۾ ماتم متل آهي ھنن وڌيڪ  چيو ته جيستائين کنڀي گم ڪيلن کي آزاد نٿو ڪيو وڃي تيستائين اسان جو لانگ مارچ جاري رھندو۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو