روينيو جي ملي ڀڳت، مدرسن ۽ مسجدن جي اوٽ ۾ قبضا

گڏاپ (رپورٽر)بحريا ٽائون ڀرسان مدرسن ۽ مسجدن جي آڙ ۾ قبضه مافيا سرگرم انتظاميه خاموش، سرڪاري زمينون سرعام وڪرو، اٻوجهه ماڻھو لٽجڻ لڳا، مدرسن جي آڙ ۾ ڪجهه ماڻھو پلاٽنگ ڪري ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا . 30ساله ليز تي سرڪاري زمينون انتظاميه جي ملي ڀڳت سان پلاٽن جي صورت ۾  وڪرو ڪرڻ وارو ڪاروبار عام ٿي ويو آھي. قبضا مافيا آفيسون کولي سرڪاري زمينون ڳري رقم عيوض وڪرو ڪري قومي خزاني کي نقصان پهچائي رهيا آھن. ڪجهه ماڻھو مدرسن جي آڙ ۾ قبضا ڪري رهيا آهن. رات ئي رات ۾ مدرسه عبدالله ابن عمر، ڀانڀڻ مسجد ۽ ٻين مدرسن ڀرسان به سرڪاري کڻت وارن زمينن جي پلاٽنگ ڪندڙ ڪک پتي کان لک پتي بنجي ويا. ذريعن موجب ڪجهه لينڊ مافيا ۽ لينڊ گريبر مذھبي جماعتن جي آڙ ۾  پوليس سان ملي ڀڳت ڪري مدرسن ڀرسان زمينن تي قبضا ڪري وڪرو ڪرڻ لڳا ۽ دانهن ڪرڻ تي نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيئي خاموش ڪري ڇڏين ٿا علائقي واسي متاثرن چيو ته قبضا مافيا خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو