سنڌ حڪومت پاران ڪراچي جي 4 ضلعن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورونا وائرس جي تيزي سان پکيڙ بعد ڪراچي جي چئن ضلعن ۾ سمارٽ ۽ مائڪرو لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سينٽرل ضلعي جي 26 علائقن ۾ مائڪرو ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون هوندو، ڪجهه علائقا 14 ڏينهن لاءِ سيل ڪيا ويندا، اولهه ضلعي جي ٻن علائقن ۾ مائڪرو لاڪ ڊائون ٿيندو، گڏاپ ٽائون جي علائقن ۾ به مائڪرو لاڪ ڊائون ڪيو ويندو. نوٽيفڪيشن موجب ڪورنگي ضلعي جي ٽن يونين ڪميٽيز جي 7 هنڌن تي سمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو ويندو، ڏکڻ ضلعن ۾ سول لائين جي پوش علائقن ۾ مائڪرو لاڪ ڊائون جو نوٽيفڪيشن جاري، خيابانِ مُون، خيابان بدر، باٿ آئلينڊ ۽ خيابان اتحاد جي مخصوص گهٽين ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو