کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاء پيادل مارچ پنڊي طرف جاري

ٽنڊو محمد خان(رپورٽ  مظفر علي بروهي) کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ ڪراچي کان نڪتل سنڌ سڀاء جو پيادل مارچ رات بلڙي شاه ڪريم  ۾ ترسڻ بعد پنهنجي منزل طرف روانو .درگاه شاه عبدالڪريم جي زيارت بعد شھيد بلو پنهور چوڪ تي  ميڊيا سان ڳالهائيندي  سنڌ سڀا جي اڳواڻ انعام عباسي چيو ته جبري گمشدگيون انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آھي سان جو هڪ ئي مطالبو آهي ته جبري کنڀي گم ڪيل ماڻھون فوري طور آزاد ڪيا وڃن صحافي رازق عاصي چيو ته کنڀيل قومي ڪارڪن دهشتگرد ناهن هنن کي سنڌ جي حقن جدوجهد ڪرڻ تي کنڀي گم ڪيو ويو آهي جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري امير آزاد پنهنورجيئي سنڌ قومي پارٽي سربراھ نواز زئون چيو ته رياستي ادارن هٿان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي رڳو اختلاف راء رکڻ تي گم ڪيو ويو آهي اسين چئون ٿا عدالتون به اوهان جون آهن اوهان عدالتن ۾ آڻيون اسان ڪيس وڙهنداسين عاقب چانڊيو جي ڀيڻ شازيه چانڊيو امڙ مختيار بيگم کنڀي گم ڪيل نسيم بلوچ جي مڱيندي حاني بلوچ گم ڪيل ڊاڪٽر فتح محمد کوسي جي پٽ نصيب کوسي، کنڀيل ايوب ڪانڌڙي جي پٽ وقار ڪانڌڙي چيو ته اسان جا پيارا ڪافي عرصي کان جبري طور گم ڪيا ويا آھن اسان پنهنجن پيارن جي آزادي لاءِ رستن تي آھيون پر اسان جي احتجاج جو اڃان تائين ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو جيستائين اسان جي پيارن کي آزاد نٿو ڪيو وڃي اسان جو پيادل مارچ جاري رهندو ۽ اسان راولپنڊي جي ايڇ ڪيو تائين پهچنداسين ۽ اتي کنڀي گم ڪيل ماڻھن جي بازيابي تائين ڌرڻون هڻداسين  اسان  اعلي اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي ٻچن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو