سينيئرن کان راءِ وٺندس پر فيصلو پاڻ ڪندس، بابر اعظم

ڪراچي(بيورو رپورٽ) قومي ڪرڪيٽ  ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته نيوزيلينڊ جي دوري دوران هو سينيئر رانديگرن جي راءِ ۽ صلاح ضرور طلب ڪندو پر هو آخري فيصلو پاڻ ڪندو. نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ قومي ٽيم جي روانگي کان اڳ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بابر اعظم چيو ته نيوزيلينڊ خلاف اسان جا انگ اکر تمام سٺو آهن اسان خلاف نيوزيلينڊ ۾ ۽  ٻاهر به نيوزيلينڊ خلاف سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. هن چيو ته چئلينج زندگئ ۾ ايندا ۽ گزري ويندا آهن مون کي صرف هڪ نئون چيلينج ۽ ذميواري ملي آهي پر مون تي ڪو به دٻاءُ ناهي. هن چيو ته مان پنهنجي ڪرڪيٽ جو مزو وٺان ٿو منهنجي وائٽ بال ڪرڪيٽ بهتر ٿي وئي آهي  آئون جيڪي سکيو آهيان ان کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. هن چيو ته سرفراز ڀائي جي قيادت ۾ هن گهڻو ڪجهه سکيو  ۽ هن گهڻو ڪجه سيکاريو. جڏهن اسان سينئرز سان کيڏندا آهيون اسان کي گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو ملندو آهي ۽ اسان گرائونڊ تي مسئلن جي حل تي ڳالهائيندا آهيون. هن چيو ته هو جيڪو ڪجهه سکي رهيو آهي تي عمل ڪري رهيو هو ۽ جڏهن به سينيئر کي ڪا ضرورت پوندي ته  هو انهن کان سکي وٺندو ۽ انهن جي راءِ طلب ڪندو آخر ۾  فيصلو  پاڻ ڪندس جيڪو مون کي بهتر لڳندو. بابر جو چوڻ هو ته منهنجي بيٽنگ تي ڪو به دٻاءُ ناهي ڪوشش آهي اڳتي اچڻ ۽ چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ ذميواري سان راند ڪرڻ پريشر ۾ کيڏڻ جو مزو  هوندو آهي لطف وٺندو آهيان 100 سيڪڙو بهتر کيڏڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.  ٽيم ۾ گروپنگ جي خوف کان پڇيو ويو قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته هتي اهڙي ڪابه شيءَ ناهي اها ٽيم نوجوان آهي ۽ انهن ۾ ڪا به ڳالهه ناهي. اسان هڪ ٽيم آهيون جيڪي  گڏ بيٺا آهن هن ٽيم ۾ ڪو به ڇوڪرو ڪونهي هر ڪو  دل سان  هڪ ٻئي جو احترام ڪري ٿو ۽ ڪارڪردگي تي خوش آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ بابر چيو ته جڏهن به ٻاهر وڃون ٿا اتي هڪ چئلينج آهي  نيوزيلينڊ ٽيم سٺي آهي پر اسان جي ٽيم جو مورال بلند آهي  اسان انگلينڊ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهيون بدقسمتي سان اسان انهن  کان هڪ ميچ هارائي  پر انهن جي انفرادي ڪارڪردگي بيٽنگ ۽ بالنگ ٻنهي ۾ بهتر آهي. بابر اعظم چيو ته سڀ کان اهم ڳالهه پليئر کي اعتماد ڏيڻ آهي مان ان جو مثال آهيان ڇو ته مان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ جدوجهد ڪري رهيو هئس پر ٽيم جي حمايت هئي خاص طور تي مان مڪي آرٿر جو شڪر گذار آهيان جنهن منهنجي حمايت ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪجھ به آسان نه ورتو وڃي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ ڪجهه به آسان ناهي جيڪڏهن ٻن ٽيمن جو مقابلو ڪيو وڃي ته پوءِ اسان جي ٽيم به سٺي آهي ۽ اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ، قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مون کي مڪمل اعتماد ڏياريو آهي ته مان انهن جي ’ڊگهي عرصي واري پلان‘ جو حصو آهيان ، مون تي پي سي بي جو ڪو دٻاءُ ناهي . بابر اعظم وڌيڪ چيو ته اسان سڀ ترقي ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ اهو ڪڏهن به نٿو ٿئي ته پوري ٽيم ڪارڪردگي ڏيکاري پر ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه رانديگر ڪرندا آهن ۽ ڪڏهن اهي ڪجهه ڪندا آهن ، سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اسان رانديگرن کي سپورٽ ڪريون ٿا.هن چيو ته جيڪي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن انهن کي حمايت جي ضرورت ناهي پر جيڪي ڪارڪردگي نه ڏيکاري رهيا آهن انهن جي وڌيڪ مدد ڪرڻ ضروري آهي ته ايندڙ ميچ کان پهريان اهي اعتماد حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته اسان کي هر جڳهه هدف حاصل ڪرڻا آهن ، نتيجا اسان جي هٿ ۾ ناهن ، اسان جي هٿن ۾ سخت محنت آهي ، اسان پوري دل سان ڪيون ۽ نتيجا الله جي هٿ ۾ آهن.پاڪستان 23 نومبر تي نيوزيلينڊ لاءِ روانو ٿيندو ، جتي 14 ڏينهن جي قرنطينه کانپوء، پاڪستان 3  ٽي 20 ۽ ٻن ٽيسٽن جي سيريز کيڏندو.

پهنجو تبصرو موڪليو