گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) ٽنڊوالهيار ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل ايس ٽي پي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف سنڌ جي مختلف شهرن جيان گهوٽڪي ۾ به احتجاج ڪيو ويو. ايس ٽي پي جي سڏ تي شٽربند ھڙتال ڪرائي وئي ان موقعي تي اڳواڻن خالد لاکو،راجا مجيب،ناهيد ملڪ،۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته الطاف جسڪاڻي کي سوچيل سمجهيل سازش تحت قتل ڪيو ويو،هن واقعي ۾ لساني تنظيم ملوث ٿي سگهي ٿي، ايس ٽي جي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف گهوٽڪي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ به شٽربند هڙتال ۽ ٻين شهرن ۾ ڪاروبار بند، ايس ٽي پي جا مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، پوليس جو گشت جاري، گهوٽڪي ۾ ايس ٽي پي جا ڪجھ ڪارڪنن گرفتار ڪيا ويا آهن.










