اسٽاڪ مارڪيٽ مثبت رجحان ڊالر مهانگو سون سستو

ڪراچي(بيورو رپورٽ) انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قدر ۾ 13 پيسا اضافو ٿي ويو آهي جڏهن ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اڄ مثبت رجحان رهيو ۽ في تولو سون 200 روپيا سستو ٿي ويو.انٽربينڪ ايڪسچينج مارڪيٽ ۾ ڊالر 13 پيسا مهانگو ٿي 158 روپيا 30 پيسن جو ٿي ويو جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر 5 پيسا گهٽ ٿي 158 روپيا 25 پيسا ٿي ويو آهي.سون جي قيمت ۾ گهٽتائي. ملڪ ۾ سون جي في تولي جي قيمت 200 کان گهت ٿي آهي، سنڌ صرافه بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب 200 جي گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ سون جي في تولي جي قيمت هڪ لک 12 هزار 350 ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو