فيصل واوڊا تي عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عدالت سان اکٻوٽ نه کيڏو، فيصل واوڊا اليڪشن ڪميشن آڏو به پيش نٿو ٿئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نااهلي ڪيس ۾ فيصل واوڊا جو جواب جمع نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، ٻڌڻي دوران جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته فيصل واوڊا 11 جون 2018ع تي پنهنجي بيان حلفي ۾ چيو ته ٻٽي شهريت نٿو رکي، جڏهن ته امريڪي شهريت تان هٿ کڻڻ واري سندس درخواست 25 جون 2018ع تي منظور ٿي، اُن جو مطلب ته بيان حلفي جمع ڪرائڻ وقت فيصل واوڊا امريڪي شهري هو، وڪيل وفاقي وزير فيصل واوڊا کان هدايتون وٺڻ لاءِ مهلت گهري ورتي. عدالت وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو