ٽرمپ پاران ڌانڌلي جو الزام، عدالت وڃڻ جو اعلان، بائيڊن کي سرسي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) امريڪا ۾ صدارتي چونڊ لاءِ ووٽنگ ختم ٿي چڪي آهي نتيجن جي آمد جاري آهي. پهريون ڀيرو ايريزونا رياست ڊيموڪريٽڪ اميدوارجو بائيڊن جي حق ۾ ووٽ ڏنو آهي. 9 ڪروڙ 90 لک ووٽر اڳ ۾ ئي پوسٽل بيلٽ ذريعي ووٽ ڏئي چڪا آهن. جڏهن اڃا ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي ته صدر ٽرمپ مخالفن تي اليڪشن چورائڻ جو الزام لڳايو آهي ۽ چيو آهي ته نتيجا ايندي ايندي رڪجي ويا آهن، اسين کٽي ڇڪا آهيون ۽ جشن جي تياري ڪري رهيا آهيون. جو بائيڊن چيو آهي ته آمريڪي عوام سندس حق ۾ فيصلو ڏنو آهي، ڪجهه رياستن جا نتيجا باقي آهن ۽ اسين وڏي ليڊ سان کٽي رهيا آهيون. بي بي سي ۽ سي اين اين موجب 50 مان 41 رياستن جا نتيجا اچي چڪا آهن جن موجب جو بائيڊن 224 ۽ ٽرمپ 213 ووٽ حاصل ڪيا آهن. آمريڪي چونڊن ۾ سڀ کان اهم ڪردار ڪيليفورنيا رياست جو هوندو آهي، جنهن جو نتيجو سڀني کان آخر ۾ ان ڪري ايندو آهي ته ٽائم ڊفرنس جي ڪري ڳڻپ دير ٿيندي آهي ۽ ان جا سڀني رياستن کان وڌيڪ يعني 55 ووٽ آهن ۽ هو اڪثر ڪري ڊيموڪريٽڪ اميدوار جي حمايت ۾ هوندا آهن. جيڪڏهن جو بائيڊن جي 224 ووٽن ۾ 55 ووٽ ڪيليفورنيا جا ملايا وڃن ته سندس جيت يقيني آهي ۽ ٽرمپ هارائي چڪو آهي. اهو معجزو هوندو ته ڪيليفورنيا ٽرمپ جي حق ۾ فيصلو ڏئي. صدر ٽرمپ جي گهريلو رياست فلوريڊا آهي ۽ جو بائيڊن جي ڊيلاويئر آهي. ڊيموڪريٽ اميدوار جوبائيڊن ۽ ري پبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ سخت مقابلو آهي. مائيڪ پينس صدر ٽرمپ جو نائب صدر لاءِ آميدوار آهي ۽ ڪمالا حارث ڊيموڪرٽس جي نائب صدر جي اميدوار آهي. پري پول سروي ۾ جو بائيڊن کي سرسي حاصل آهي ۽ صدر ٽرمپ هار جي صورت ۾ نتيجا قبول نه ڪرڻ جو ارادو اڳ ۾ ئي ظاهر ڪري چڪو آهي. ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جون ٽيمون چونڊ معاملن کي عدالتن ۾ چيلنج ڪرڻ لاءِ به تيار آهن. پاڪستان جيان سنگل ووٽ جي آڌار تي امريڪا ۾ فيصلو ناهي ٿيندو. امريڪا ۾ صدارتي اليڪشن جو پيچيده طريقو آهي. اڄ 3 نومبر تي عوام 538 اليڪٽورل ڪالج جا ميمبر چونڊيندو جيڪي 14 ڊسمبر تي صدر ۽ نائب صدر جي چونڊ ڪندا. جيڪو  اميدوار 270 اليڪٽورل ڪالج جا ووٽ حاصل ڪندو اهو ڪامياب قرار ڏنو ويندو. امريڪا جي وفاق ۾ 50 رياستون، هڪ وفاقي ڊسٽرڪٽ واشنگٽن، 5 علائقا يعني ٽيريٽريز ۽ ڪافي ننڍا ننڍا ٻيٽ آهن. هر رياست کي آبادي جي بنياد تي اليڪٽورل سيٽس مليل آهن. هر رياست ۾ عوام ٻنهي اميدوارن جي حق ۾ ووٽ ڏيندو ان کي هر رياست سيٽن جي تناسب سان ان کي ورهائيندي. عام طور تي آمريڪا جي رياستن ۾ هڪ وقت تي پولنگ بند ناهي ٿيندي ڇو ته ٽائم جو فرق آهي،  نيويارڪ ۾ جيڪڏهن اڱاري تي صبح جا 2.23 ٿيندا ته ڪيليفورنيا ۾ سومر تي شام جا 11.23 ٿيا هوندا. امريڪي ڪانگريس جا 435 ميمبر آهن ۽ سينيٽ 100 ميمبرن تي مشتمل آهي. هر رياست کي سينيٽ ۾ 2 ووٽ حاصل آهن. ڪولمبيا ڊسٽرڪٽ کي 3 اليڪتورل ووٽ آهن، اهڙي طرح امريڪا جو اليڪٽورل ڪالج 538 ووٽن تي مشتمل آهي. امريڪا جي وڏي ۾ وڏي رياست ڪيليفورنيا آهي، جنهن جا اليڪٽورل ڪالج جا 55 ووٽ آهن. ٽيڪساس 38، نيويارڪ ۽ فلوريڊا هر هڪ جا 29 ووٽ آهن. جڏهن ته الينز ۽ پينسولانيا مان هر هڪ جا 20 ووٽ آهن. اوهيو جا 18 ووٽ آهن.هنن 7 رياستن جا 209 اليڪٽورل ووٽ آهن. امريڪي عوام ٽرمپ يا بائيڊن کي ووٽ نه ڏيندا هو اليڪٽورل ڪالج جي اميداورن کي ووٽ ڏيندا. 48 رياست جو قانون اهو آهي ته جنهن کي گهڻا پاپولر ووٽ ملندا ان پارٽي کي رياست جا سمورا اليڪٽورل ووٽ ملندا ۽ ٻئي پارٽي فارغ. 9 ڪروڙ 90 لک کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجو ووٽ پوسٽ ذريعي ڪاسٽ ڪري چڪا آهن. هلندڙ اليڪشن ۾ ڊيموڪريٽ اميدوار جوبائيڊن کي واضح برتري حاصل آهي. تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته 2020 جي آمريڪي چونڊن ۾ 15 کان 16 ڪروڙ آمريڪي شهري پنهنجو حق استعمال ڪندا جيڪو ڪنهن به اڳوڻين چونڊن جي مقابلي ۾ سڀني کان وڌيڪ ٽرن آئوٽ هوندو. ارلي ووٽ ۾ صدارتي اميدوار جوبائيڊن کي ڊونلڊ ٽرمپ جي مقابلي ۾ 7 رياستن کان برتري حاصل آهي. برطانوي اخبار گارجين موجب جوبائيڊن کي فلوريڊا، پينسلوانيه، مشيگن ۽ اتر ڪيرولينا ۾ ٽرمپ جي مقابلي ۾ برتري حاصل آهي. چونڊ جائزي جي تحت ايري زونا، ويسڪونسن ۽ ايووا ۾ به جوبائيڊن موجوده امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مقابلي ۾ اڳيان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو