مودي ۽ اڀينندن جي فوٽن وارا بينر ڪنهن هنيا؟ عباسي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خلاف پي ايس او ۾ غيرقانوني ڀرتين واري ريفرنس تي ٻڌڻي، نيب جي شاهد راشد قريشي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو، ٻڌڻي 30 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي. ان موقعي تي  شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته 12 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪا خبر نه پئي آهي ته آءِ جي سنڌ کي ڪنهن اغوا ڪيو ۽ ڪنهن جي چوڻ تي اغوا ڪيو، انتظار آهي ته سپريم ڪورٽ اِن معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي، قومي اسيمبلي ۾ بل آيو آهي ته نيب ۾ سي پيڪ کي ڇوٽ هوندي، نيب ايڏو سٺو ادارو آهي ته سي پيڪ وارن کي ڇوٽ ڇو پئي ملي؟ عدليه ۽ فوج کي به نيب جي دائري ۾ آندو وڃي، ملڪ ۾ هائيبرڊ تجربي جيڪا تباهي ڪئي آهي، ٻڌايو وڃي ته اُن جو ذميوار ڪير آهي؟ پلواما واقعي تي وفاقي وزير جي بيان کانپوءِ ڀارت فيٽف وڃي رهيو آهي، ڇا اُن وفاقي وزير کان پڇاڻو ڪيو ويو ته توهان اهڙو بيان ڇو ڏنو آهي، ٻڌايو وڃي ته لاهور ۾ ڀارتي جهنڊن، اڀينندن ۽ مودي جي فوٽو وارا پوسٽرز ڪنهن لڳايا آهن؟.

پهنجو تبصرو موڪليو