ڪروڙ پتي فقيرياڻي پوليس هٿان گرفتار،جيل حوالي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مصر جي پوليس 57 سالن جي فقيرياڻي کي گرفتار ڪري ورتو جنهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ 30 لک مصري پائونڊز رکيل آهن ۽ اها مختلف علائقن ۾ 5 رهائشي بلڊنگن جي مالڪياڻي آهي. عالمي خابرو اداري موجب 57 سالن جي نفيسه وهيل چيئر تي ويهي مصر جي بازارن ۾ خيرات وٺڻ مهل پاڻ کي اپاهج ٻڌائيندي هئي. ان نقلي فقيرياڻي جو راض ان وقت کلي سامهون آيو جڏهن ڪم ختم ڪري وهيل چيئر تان اٿي پنڌ گهر وڃي رهي هئي ته پوليس کيس ڏسي ورتو ۽ گرفتار ڪري ورتو. مجرم فقيرياڻي کي پبلڪ پراسيڪيوشن جي حوالي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو