پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ حملي ڪيس مان وزيراعظم آجو قرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي روڪٿام واري عدالت پارليامينٽ حملي ڪيس مان وزيراعظم عمران خان کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو جڏهن ته تحريڪ انصاف جي ٻين اڳواڻن کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ طلب ڪري ورتو. عدالت جي جج راجا جواد عباس عمران خان طرفان آجو ڏيڻ جي درخواست سان گڏ تحريري دليل جمع ڪرائڻ کانپوءِ 26 آڪٽوبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو جنهن کي اڄ ٻڌايو ويو. خيال رهي ته وزيراعظم عمران خان ان ڪيس ۾ اشتهاري رهي چڪو آهي ۽ بريت جي فيصلي کان اڳ ضمانت تي هو جڏهن ته عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري ان ڪيس ۾ اشتهاري آهي. ٻئي طرف ان ڪيس ۾ نامزد صدر مملڪت عارف علوي کي صدارتي استثنى حاصل ٿيڻ سبب ان جي حد تائين ڪيس داخل رهندو يعني صدارتي عهدي تي رهڻ دوران ان خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿيندي. عدالت وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ، شفقت محمود ۽ اسد عمر سميت صوبائي وزير عليم خان، شوڪت يوسفزئي ۽ جهانگير خان ترين کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 21 نومبر تي طلب ڪري ورتو آهي. گذريل ٻڌڻي دوران عدالت ۾ جمع ڪرايل تحريري دليلن ۾ چيو ويو هو ته عمران خان کي ڪوڙي ۽ بي بنياد ڪيس ۾ ڦسايو ويو هو. عمران خان جي وڪيل چيو هو ته سندس موڪل خلاف ڪو به ثبوت ناهي ۽ نه ئي ڪنهن شاهد ان خلاف بيان ڏنو آهي، سياسي ڪيس آهي جنهن ۾ سزا ڏيڻ جو ڪو امڪان ڪونهي انهيءَ ڪري بري ڪيو وڃي. ٻئي طرف پراسيڪيوٽر به ٻڌڻي وقت عمران خان جي بريت جي درخواست جي حمايت ڪندي چيو ته عمران خان خلاف ڪيس سياسي طور بڻايو ويو جيڪو صرف وقت جو ذيان هوندو. هن چيو ته عمران خان کي بري قرار ڏنو ويو ته پراسيڪيوشن کي ڪو به اعتراض نه هوندو. ان کانسوءِ دهشتگردي روڪٿام واري عدالت عوامي تحريڪ جي ميمبر مبشر علي کي به ڪيس مان آزاد ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته پي ٽي آءِ ۽ پي اي ٽي سال 2014ع ۾ چونڊن دوران مبينا ڌاندلي جي خلاف اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي ڌرڻو هنيو هو جيڪو ڪيترن ئي مهينن تائين جاري رهڻ کانپوءِ آرمي پبلڪ اسڪول حملي کانپوءِ ختم ڪيو ويو. ڌرڻي دوان مڇريل ماڻهن پهرين سيپٽمبر تي پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽر تي حملو ڪيو، جنهنجي ڪري پي ٽي وي نيوز ۽  پي ٽي وي ورلڊ جي نشريات ڪجهه دير لاءِ معطل ٿي وئي هئي. حملي ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ تقريبن 70 ماڻهن خلاف سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ پارليامينٽ هائوس، پي ٽي وي ۽ سرڪاري ادارن تي حملن ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪرڻ جي الزام ۾ انسداد دهشتگردي سميت ٻيا قلم لاڳو ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو هو. عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهرالقادري تي اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ سرڪاري ٽي وي تي حملي سميت سينيئر سپرنٽنڊنٽ پوليس (ايس ايس پي) اسلام آباد عصمت الله جوڻيجو کي زخمي ڪرڻ جو الزام هو. پوليس ڌرڻي دوران تشدد کي هوا ڏيڻ جي الزام ۾ پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن عارف علوي، اسد عمر، شاهه محمود قريشي، شفقت محمود، اعجاز چوڌري ۽ ٻين خلاف انسداد دهشتگردي ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو هو. ان معاملي تي استغاثه پراڻي موقف موجب 3 ماڻهو مارجي ۽ 26 ڄڻا زخمي ٿيا هئا جڏهن ته 60 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو هو جڏهن ته استغاثه پنهنجي ڪيس کي قائم ڪرڻ لاءِ 65 تصويرون، لٺيون، ڪٽر ۽ ٻين شين کي ثبوت طور عدالت ۾ پيش ڪيو.11 سيپٽمبر 2018ع تي دهشتگردي روڪٿام واري عدالت ڌرڻي دوران داخل ڪيل ٽن ڪيسن ۾ وزيراعظم عمران خان جي مستقل حاضري کان استثنى واري درخواست قبول ڪئي هئي. بعد ۾ جج پي ٽي وي حملي ڪيس مان عمران خان جي بريت وارو ڪيس الڳ ڪيو ۽ پي ٽي وي حملي ڪيس جي گذريل ٻڌڻي ۾ وزيراعظم جي وڪيل کي 12 نومبر تائين دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.   

پهنجو تبصرو موڪليو