گستاخي وارن خاڪن خلاف سڄي سنڌ ۾ عدالتي نظام معطل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) فرانس ۾ گستاخي وارن خاڪن واري معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي اپيل تي سڄي صوبي ۾ عدالت نظام معطل ڪيو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي اپيل کانپوءِ هاءِ ڪورٽ ۾ سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي معطل ڪئي وئي آهي ۽ سموريون بينچون ڊسچارج ڪيون ويون آهن جڏهن ته سٽي ڪورٽ ۽ ان جي ماتحت عدالتن ۾ به عدالتي معاملا معطل ڪيا ويا پر تنهن هوندي به ڪجهه ارجنٽ ڪيسن جون ٻڌڻيون ججن جي  چيمبر ۾ ٿينديون رهيون. ٻئي طرف حيدرآباد ۾ به گستاخي وارن خاڪن جي ڇپائي جي معاملي تي سنڌ بار ڪائونسل جي اپيل تي عدالتي معاملن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو ۽ هاءِ ڪورٽ بينچ، سرڪٽ بينچ ۽ ماتحت عدالتن ۾ ڪيسن جون ٻڌڻيون ملتوي ڪيون ويون جڏهن ته ٺٽو ۽ نواب شاهه ۾ به وڪيلن طرفان هڙتال ڪئي وئي، وڪيل هڙتال سبب عدالتن ۾ پيش نه ٿيا جنهنجي سبب ڪيس جون ٻڌڻيون ملتوي ٿي ويون.سکر ۽ لاڙڪاڻو سرڪٽ بينچ ياد رهي ته فرانس ۾ حڪومتي سرپرستي ۾ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي گستاخي وارن خاڪن جي ڇپائي ۽ ان جي حق ۾ فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون جي بيان کانپوءِ پوري دنيا ۾ مسلمانن پاران فرانس جي خلاف احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ مسلمان ملڪن ۾ فرانسيسي شين جي بائيڪاٽ جي مهم هلي رهي آهي. جڏهن ته پاڪستان به فرانس جي اهڙي قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ پارليامينٽ مان مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي جڏهن ته پاڪستان فرانس جي سفير کي طلب ڪري احتجاج به رڪارڊ ڪرايو هو ۽ فرانس ۾ مقر پنهنجي سفير کي واپس گهرائڻ تي غور ڪري رهيو آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو