ٽريلر جي ٽڪر ۾ هڪ ڀاءُ فوت ٻيو زخمي

اوٻاوڙو(رپورٽ.غلام علي رند)قومي شاهراه تي تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل سوارن کي زوردار ٽڪر هنيو جنهن جي نتجي ۾ موٽر سائيڪل سوار هڪ ڄڻو علي رضا سميجو موقعي تي ئي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو ۽ ٻيو ڀاءُ وقار شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي آس پاس جي ماڻهن کڻائي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو آندو جتي زخمي کي طبي امداد ڏني پئي وڃي ۽ لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو آهي ۽ جڏهن ته اهڙي اتفاقي حادثي جي رپورٽ اوٻاوڙو ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي. فوتي ۽ زخمي جو تعلق ڏهرڪي جي ڳوٺ جام فتح سميجو سان ٻڌايو پيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو