خودسوزي ڪيس، ايڪسائيز عملدارن جي ضمانت رد

نوابشاهه(رپورٽ: اي ڪي ڏاھري)دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج رسول بخش سومري پاران نيشنل ھاءِ وي تي ايڪسائيز پوليس جي ظلمن کان تنگ ٿي آئل ٽينڪر ڊرائيور مطيع الله پاران پاڻ کي باھ ڏئي ساڙڻ واري ڪيس ۾ 8 جوابدارن ايڪسائيز پوليس چيڪ پوسٽ جي انچارج انسپيڪٽر آصف لاکو، اختر علي، صحت رند، محمد سائل، غلام مصطفيٰ، بچل ڪلھوڙو، معشوق چانڊيو، شفيع محمد ملاح جي ضمانت واري درخواست ردڪري جوابدارن کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، واضح ھجي ته 10 ڏينھن اڳ نيشنل ھاءِ وي سڪرنڊ چيڪ پوسٽ آڏو آئل ٽينڪر ڊرائيور مطيع الله ايڪسائيز پوليس جي زيادتين ۽ 18 ھزار روڪ رقم ڦر ڪرڻ تي پاڻ کي باھه ڏئي ساڙي ڇڏيو ھو جيڪو ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو ھو جنھن جو ڪيس دھشتگردي ايڪٽ تحت سڪرنڊ ٿاڻي تي فوتي جي ڀاءُ فريدالله جي فرياد تي ڄاڻايل  جوابدارن خلاف داخل ٿيل ھو، جڏھن ته ان موقعي تي جوابدارن چيو ته اسان بيگناهه آھيون اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو