سکر (جئيرام داس ) آمدن کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاھڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي، پ پ مرڪزي اڳواڻ خورشيد احمد شاھ کي سکر جي ۔ اين آئي سي وي ڊي اسپتال مان ايمبولنس ذريعي آندو ويو . احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، ريفرنس ۾ خورشيد احمد شاھ سميت نامزد جوابدار پيش ٿيا. عدالت مختصر ڪاروائي بعد ٻڌڻي 3 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. احتساب عدالت سيد خورشيد شاھ تي ھن ڀيري به فرد جرم لاڳو نه ڪري سگهي۔ عدالت خورشيد شاھ کي ٽي نومبر تي ٻيھر پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آھي. پ پ ايم اين اي خورشيد احمد شاھ ان موقعي تي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي گستاخي وارا خاڪا ٺاھڻ پوري مسلم ملڪن لاء افسوس ناڪ عمل آھي ،فرانس ۾ ان جي اجازت ڏيڻ جو عمل ناقابل برداشت آھي ، سيد خورشيد شاه چيو ته او آ ئي ايس ان معاملي تي ڇو خاموش آھي.موجوده صورتحال ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جھڙو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آھي خورشيد شاھ چيو ته پي ڊي ايم جو ڪوئيٽا وارو جلسو ڪامياب جلسو ھو ، ڪوئيٽا جلسي ۾ بلوچ۔ سنڌي۔ پنجابي۔ پٺاڻن پاڪستان جي بقاء جي ڳالهه ڪئي، ان ۾ ڪو به غداري جو عنصر شامل نه ھو ، خورشيد شاھ چيو ته مريم نواز جي جنوري تائين موجوده حڪومت جي وڃڻ واري ڳالهه تي مان ڪا به پيشن گوئي نٿو ڪري سگهان مگر ٻڌائڻ وارا ٻڌائي ڇڏيندا آهن ھن چيو ته اپوزيشن سڀني کي ھڪ پليٽ فارم تان ڪٺو ڪيو آھي، حڪومت کي گھرجي ته اپوزيشن سان ويھي ملڪ جا مسئلا حل ڪري.
اڄوڪي-اخبار-2024-03-19
اڄوڪي-اخبار-2024-03-19
دلچسپ مقابلي کانپوءِ اسلام آباد ٽيون ڀيرو پي ايس ايل جو چيمپيئن
جماعت اسلامي سنڌ جو اڳواڻ عبدالحفيظ بجاراڻي روڊ حادثي ۾ فوت
گوگل جو جيمنائي اي آءِ انجڻ آءِ فونز جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار
پاڪستان جي ڳجهي اطلاع تي افغانستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪاروايون
آصف زرداري سان آمريڪي سفير جي ملاقات،صدر بڻجڻ تي مبارڪباد
تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت گهري ورتي
پي ٽي آءِ معيشت ٻوڙي ڇڏي، قرض لاهڻ لاءِ وڌيڪ قرض وٺڻا پون ٿا
بل گيٽس جو وزيراعظم شهباز شريف کي اهم خط
سنڌ حڪومت جون بيورو ڪريسي ۾ مقرريون ۽ تبديليون
فيض حميد جي ڀاءُ نجف جو جوڊيشل رمانڊ منظور،جيل موڪلڻ جو حڪم
آءِ ايم ايف موجب بجلي، گيس اڃا ڪيتري مهانگي ٿيندي؟: نواز شريف
شرجيل ميمڻ پاران ڪراچي ۾ وڌيڪ بسون هلائڻ جو اعلان
وياج جي شرح 22 سيڪڙو برقرار رکڻ جو اعلان
ڪهڙن نالن وارن کي 15 مارچ کان محطاط رهڻ گهرجي؟
اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جو ڀاءُ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار
فوج تي حملن ۾ ملوث دهشتگرد ڪمانڊر8 ساٿين سميت مارجي ويو
يوسفزئي، اسفند يار کي 15 ڪروڙ هرجاڻو ادا ڪري، حڪم
ايف آءِ اي کي شاندانه گلزار خلاف ڪاروائي نه ڪرڻ جو حڪم