گهٽ ماپ تي پيٽرول وڪڻندڙ پمپ تي 50 هزار ڏنڊ

نئون ڪوٽ (رپورٽ پيارعلي نھڙيو ) اسسٽنٽ ڪمشنر جهڏو آصف علي خاصخيلي پنهنجي ٽيم سميت نئون ڪوٽ مير پور خاص روڊ تي قائم الماس پيٽرول پمپ تي اوچتو ڇاپو هڻي تيل ۾ليٽر تي پنج پوائنٽ جي کوٽ هئڻ تي پنجاھ هزار ڏنڊ وصول ڪيو، تيل پورو ڏيڻ جو پمپ مالڪ کي پابند ڪيو اسسٽنٽ ڪمشنر شهر جي اٽي جي چڪين تي ڇاپا هڻي چڪي مالڪن کي اٽو سرڪاري ريٽ تي وڪرو ڪرڻ جو پابند ڪندي چيو ته ڪنهن به چڪي مالڪ وڌيڪ ريٽ تي اٽو وڪرو ڪيو ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو