اسڪردو (پ ر) اسلام آباد کي هاڻي گلگت بلتستان جا حق ڏيڻا پوندا، ٻين صوبن جيان گلگت جي عوام کي حق ڏيارينداسين. اهڙو اظهار پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو اسڪردو جي حسن ڪالوني ۾ پيپلز يوٿ جي آفيس جو افتتاح ڪرڻ بعد منعقد ڪيل چونڊ جلسي کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته آصف زرداري گلگت بلتستان کي صوبي جو درجو ڏنو، پ پ حڪومت جي ختم ٿيڻ بعد گلگت بلتستان جي 25 هزار نوجوانن کي جيڪو روزگار مليو اهو کسيو ويو، عوام جو جذبو ڏسي لڳي ٿو ته گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ تير کي ڪاميابي ملندي. هن عوام کي اپيل ڪئي ۽ چيو ته کيس ووٽ ڏئي ڪامياب ڪريو هو باباءِ روزگار آهي ۽ نوجوانن کي وري روزگار ڏيندو. هن چيو ته اسنجي جماعت روزگار ڏيندي آهي ۽ ٻيا کسيندا آهن.










