ناسا پاران چنڊ تي پاڻي جي موجودگي جي تصديق

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آمريڪي خلائي تحقيقاتي اداري ناسا پهريون ڀيرو تصديق ڪئي آهي ته چنڊ تي پاڻي جي موجوجدگي جا آثار مليا آهن. سندن چوڻ آهي ته سج جي سامهون واري چنڊ جي روشن رهندڙ حصي ۾ پاڻي جي موجودگي جي تصديق ٿي آهي. اسٽريٽوسفيرڪ Stratospheric آبزرويٽري فار انفراريڊ ايسٽرونامي (صوفيه) اهي آثار دريافت ڪيا آهن. هن آبزرويٽري پاڻي جي ماليڪيولز ايڇ او 2 زمين جي پاسي ڇنڊ جي رخ ڪلاويوس ڪارٽر ۾ اهي آثار ڳولي لڌا آهن. هي حصو چنڊ جي ڏاکڻي قطب ۾ واقع آهي. چنڊ جي مختلف حصن ۾ پاڻي جا آثار موجود آهن، اڳ م هائيڊروجن جي ڪجهه قسمن جي موجودگي جو پتو لڳايو ويو هو. ماهرن جو چوڻ آهي ته چنڊ تي پاڻي محدود پيماني تي موجود آهي پر غور طلب سوال اهو آهي ته چنڊ جي هڪ مشڪل ۽ هوا کان مهروم هضي ۾ پاڻي برقرار ڪيئن آهي. هي تحقيق نيچر ايسٽرونامي ، نالي جرنل ۾ شايع ٿي آهي. اهو واضح ناهي ته چنڊ تي موجود پاڻي استعمال ۾ ڪيئن ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو