غريبن کي گهرڏيڻ وارو بينظير جي رٿا رولڙي جو شڪار

ملير(رپورٽ شهزادو مستوئي )سنڌ حڪومت جي بي ڌياني ۽ ملير ڊولپمنٽ اٿارٽي جي لاپرواهي جي انتها، گهگهر ڦاٽڪ ڀرسان نيو ملير هائوسنگ پروجيڪٽ جو ڪم 23 سالن کان رولڙي جو شڪار آهي. پلاٽ الاٽ ڪرائيندڙن مان ڪيترا ماڻهو مري ويا پر پروجيڪٽ مڪمل نه ٿيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاران غريبن کي اجهو ڏيڻ واري اسڪيم کي پيپلز پارٽي جي سرڪار به 13 سالن کان ترقياتي ڪمن ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي جنهن سبب نيو ملير هائوسنگ پروجيڪٽ جا هزارين الاٽيز پريشان آهن الاٽيزايڊوڪيِٽ فقيرعبدالقادرشر ۽ ارشد علي زرداري ملير نيشنل پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته گهگهر ڦاٽڪ نيو ملير هائوسنگپروجيڪٽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ڏنل تعفو آهي جنهن کي تباھ برباد ڪيو ويو آهي هڪ طرف ڪرپشن ته ٻئي طرف سرڪار جي بي ڌياني عوام پريشان هجڻ جي ڪري تڪليف ۾ آهي پر ان تڪليف جو سنڌ سرڪار ۽ ملير ڊوالپمنٽ اٿارٽي کي زري جو به احساس ناهي هن اسڪيم جي مڪمل ٿيڻ سان 28 هزار خاندانن کي پنهنجو اجهو ملندو ۽ لکين ماڻهو روزگار سان لڳي ويندا هي نيو ملير هائوسنگ پروجيڪٽ شهيد محترم بينظير ڀٽو غريب مسڪين بي گهر ماڻهن لاءِ عظيم تعفو هو جيڪو مڪمل ڪيو وڃي هن رهائشي منصوبي کي 23 سال ٿيا آهن حڪومتون آيون ويون وزيرن واعدا ڪيا آفيسرن اربين رپيا ورتا پر اسڪيم جيئن جو تيئن ئي پئي آهي ڪو والي وارث ناهي ڪو انصاف ناهي ڪو داد فرياد ناهي احتجاج ڪيا اپيلون ڪيون وزيرن سان مليا آهيون هنن چيو ته بلديات جي وزير آغا سراج دراني ، سيد ناصر حسين شاھ سميت پيپلز پارٽي جي قيادت سان مليا آهيون پر خبر ناهي ته ڇو ڏيان نه ٿو ڏنو وڃي لڳي ٿو ملڪ رياض به وڏي رڪاوٽ آهي بحريا ٽائون کي اڳتي آڻڻ لاءِ سنڌ سرڪار پنهنجي رهائشي پروجيڪٽ کي پاڻ فيل ڪري رهي آهي هي ڪٿان جو انصاف آهي ته مسڪينن جا اربين رپيا به جمع هجن ان جي باوجود سهولتون نه هجن هنن چيو ته ملير ڊوولپمنٽ اٿارٽي جي آفيسرن سان مليا آهيون صرف آسرا دلاسا بس آهي ته صرف اداري ۾ ڪرپشن ڪهڙو گناھ ڪيو آهي اسان سرڪار جو هتي ته تائيسر ٽائون کان نيو ملير هائوسنگ پروجڪٽ تائين لکين ماڻهو رلي ويا آهن اسان هڪ دفعو ٻيهر سپريم ڪورٽ ۽ نيب کي اپيل ڪريون ٿا ته اسان جي واهر ڪئي وڃي هنن چيو ته هاڻي نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جي ڳالھ ٿئي ٿي هي جيڪي لکين ماڻهو دربدر آهن انهن کي ئي اجها ڏنا وڃن ته به بيروزگاري گٽ ٿيندي ماڻهو پنهنجي اجهي وارا ٿيندا ته ماڻهن تي معاشي بار به نه پوندو ماڻهو خوشحال ٿيندا پر افسوس جو سرڪار کي خبر هوندي سرڪار بي خبر آهي هنن چيو ته نيو ملير هائوسنگ پروجيڪٽ ۾ گهرن جي بڪنگ ڪرائيندڙ ڪيترائي الاٽيز فوت ٿي ويا آهن ماڻهن جا ڪروڙين رپيا ٻڏي ويا آهن ته به سرڪار کي رحم ناهي هاڻي اسان وري به پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وڏي وزير عبدالله شاھ جي پٽ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان گهرڪريون ٿا ته گهگهر ڦاٽڪ ڀرسان نيو ملير هائوسنگ پروجيڪٽ جا مالڪاڻا حق ۽ سهولتون ڏئي پنهنجي پارٽي منشنور پارٽي جي پروگرام ۽ وڏڙن جي پروگرامن کي پورو ڪري عوام کي اجهو ڏيڻ وارو واعدو وفا ڪيو وڃي هنن چيو ته پيپلز پارٽي سرڪار هلندڙ سرڪاري دور ۾ جيڪڏهن هن مثالي پروجيڪٽ کي مڪمل نه ڪيو سهولتون نه ڏنيون ته اهو نقصان به پيپلز پارٽي جو ئي هوندو فقيرعبدالقادرشر ۽ ارشد علي زرداري اعلان ڪيو ته هاڻي هڪ دفعو ٻيهر مرحليوار تحريڪ هلائي ويندي،

پهنجو تبصرو موڪليو