فرانس جي ڪمپنين جي شين جو بائيڪاٽ جاري

پيرس(ويب ديسڪ) فرانس جي پرڏيهي وزارت مسلمان  ملڪن کي فرانسيسي شين جو بائيڪاٽ ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. فرانس جو چوڻ آهي ته گستاخانه خاڪن جي بنياد تي اسنجي جي ڪمپنين جي شين جو بائيڪاٽ بي بنياد آهي. فرانس ۾ 16 آڪٽوبر تي تاريخ جو سبق پڙهائيندڙ هڪ استاد کي پيخمبر اسلام جا خاڪا ڏيکارڻ تي قتل ڪيو ويو هو. قاتل چاقو سان سندس ڳلو ڪپيو هو، جنهن بعد پوليس جڏهن قاتل کي گرفتار ڪرڻ چاهيو ته هن پوليس تي چاقو جا وار ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، جنهن تي پوليس وارن کيس فائرنگ ڪري زخمي ڪيو ۽ هو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. فرانس جي صدر ايمانوئيل ميڪرون فوتي استاد جي جنازي ۾ شرڪت ڪندي، خاڪا ڏيکارڻ جي عمل جي حمايت ڪندي فوتي استاد کي هيرو قرار ڏنو هو. سندس 23 آڪٽوبر واري بيان تي مسلمان دنيا ۾ سخت رد عمل سامهون آيو، ترڪي جي صدر اردوگان چيو ته سندس دماغي تواز ٺيڪ ناهي ۽ سندس معائنو ڪرايو. عمران خان سميت اڪثر ملڪن جي حڪمرانن ان جي مذمت ڪئي. جنهن بعد ڪويت ۾ 70 ڪاروباري ادارن جي تنظيم فرانسيسي مصنوعات جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ۽ سندن ٺاهيل شيون دوڪانن مان هٽائي ڇڏيون هيون. جنه بعد سعودي عرب، متحدو عرب امارات سميت اڪثر عرب ملڪن به بائيڪاٽ ڪيو. ياد رهي ته پهريون ڀيرو فرانسيسي هفتيوار ميگزين چارلي ايبڊو 2006 ۾ رسول پاڪ جا خاڪا شايع ڪيا هئا ته سڄي دنيا ۾ احتجاج ٿيا هئا. ان بعد 2011 ۽ وقت بوقت ميگزين خاڪا شايع ڪندو رهيو. جنهن بعد 7 جنوري 2015 تي ٻن ڀائرن ميگزين جي آفيس تي حملو ڪري ايڊيٽر، 5 ڪاٽونسٽس سميت 12 ڄڻن کي قتل ڪيو هو. جنهن بعد ميگزين خاڪا شايع ڪرڻ بند ڪيا. اهي پراڻا خاڪا مقتول استاد شاگردن کي جڏهن ڏيکاريا ته ان تي کيس قتل ڪيو ويو. فرانسيسي پوليس جو چوڻ آهي ته استاد کي قتل ڪندڙ شخص جو دهشتگرد تنظيم ۽ نيٽ ورڪ سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو