فيس بڪ تان اسلام مخالف مواد هٽايو، وزيراعظم جو خط

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جو سماجي ويب سائيٽ فيس بڪ جي سربراهه مارڪ زڪر برگ کي خط لکي اسلاموفوبيا بابت مهم روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم تان اسلام مخالف مواد هٽائڻ ۽ شايع ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ جي درخواست ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان خط ۾ مارڪ زڪربرگ کي چيو آهي ته اسلام مخالف مواد عالمي سطح تي نفرت، انتهاپسندي ۽ پُرتشدد واقعن ۾ واڌ جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي، آئون چاهيان ٿو ته فيس بُڪ اسلامو فوبيا ۽ اسلام مخالف مواد تي ائين ئي پابندي لڳائي، جيئن هولو ڪاسٽ بابت لڳائي وئي، نفرت جَي پيغام تي مڪمل پابندي هجڻ گهرجي. ياد رهي ته فرانس ۽ ڊنمارڪ ۾ پيغمبر اسلام جا خاڪا سامهون اچڻ بعد پوري دنيا ۾ مسلمانن جا احتجاج جاري آهن. فرانسيسي صدر تي زور ڀريو ويو آهي ته نوٽيس وٺي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي اوٽ  ۾ مسلمانن جا جذبا مجروح ٿي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو