عوامي راڄ جو سج اڀري پيو، ڪٺپتلي راڄ ختم پيو ٿئي، مريم

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) مرم نواز چيو ته مونکي خبر آهي ته هتان ڪيترائي نوجوان اغوا ڪيا ويندا آهن ۽ انهن جا مسخ شدهه لاش ايندا آهن، مونکي هڪ ڇوڪري ملي هتي جنهن چيو ته منهنجا 3 ڀائر اغوا ڪيا ويا، شيم شيم، شرم ڪريو. هن چيو ته خدا جي ڪهر کان ڊڄو، منهنجي ماءُ مري وئي ڳوڙها نه وڙها، والد ۽ چاچي کي جيل ۾ وڌو ويو ۽ ڀاءُ کي جيل ۾ وڌو ويو پر اکين ۾ ڳوڙهو نه آيو اڄ هن بلوچ ڇوڪري جي ڳالهه ٻڌي لڙڪ لڙي آيا، هن چيو ته هڪ ڊڪٽيٽر اڪبر بگٽي کي قتل ڪيو ۽ چيو هو ته ايئن مارينداسين جو خبر ئي نه پوندي، جڏهن پرويز مشرف کي موت جي سزا ملي ته عدالت کي ئي لپيٽيو ويو، شيم شيم، مونکي شازيا خالد سان ٿيل ظلم به ياد اچي ٿو. هن چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو، ووٽ تي ڌاڙا نه هڻو، حڪومت مٿان حڪومت نه ٺاهيو، سياست مان مداخلت بند ڪريو، جيڪڏهن اهو بند نه ٿيو اسانجو وجود خطري ۾ هوندو. هن چيو ته بلوچستان جي عظيم فرزند قاضي محمد عيسيٰ به ياد ٿو اچي، سندس پٽ قاضي فائز عيسيٰ اڄ سپريم ڪورٽ جي 17 ججن مان واحد بلوچستان جو نمائندو آهي. سپريم ڪورٽ ريفرنس کي غير آئيني قرار ڏنو آهي، جنهن بعد صدر ۽ وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي به انصاف ملڻ گهرجي، هن کي وردي واري چيو ته مريم کي ضمانت نه ڏئي اسنجي ٻن سالن جي محنت ضايع ٿي ويندي، ٻڌو اوهانجي 72 سالن جي محنت ضايع ٿيندي، عوامي راڄ جو سج اڀري پيو. هن چيو ته مونکي عاصم سليم باجوا به ياد اچي ٿوم هو بلوچستان جو حاڪم رهيو آهي، هو ووٽ سان کيڏندو رهيو ۽ سياسي ڪرتب ڏيکاريندو رهيو آهي، هو به ماءُ ۽ پيءُ جي نالن سان سياسي پارٽيون ٺاهيندو رهيو هو، مان پڇان ٿي نوڪري پيشه آهين اربين روپيا ڪٿان آنديون، 99 ڪمپنيون ڪٿان آيون ته هو چپ آهي، اسين پڇون ٿا اسي اي سي پي جي رڪارڊ ۾ هير ڦير ڇو ڪئي، رسيدون گهرن ٿا ته هو چپ، سليڪٽڊ، نيب، ايف بي آر، نه ڪو ادارو نه عدالت نٿي پڇي، ايئن نه هلندو، حساب ڏيڻو پوندو، رسيدون ڏيڻون پونديون، پاڪستان جي تقدير بدلڻ جو وقت اچي ويو آهي، عوام بدلائيندو، ڪنهن جو پٽ، مڙس، ڀاءُ اغوا نه ٿيندو، فوجي آپريشن نه ٿيندو، ڪنهن کي ووٽ سان کيڏڻ جي جرئت نه ٿيندي، ڪٺ پتلين جو کيل ختم ٿيڻ وارو آهي. هن ووٽ کي عزت ڏيو جا نعرا به هڻايا.

پهنجو تبصرو موڪليو