سياست لاءِ مٽيءَ سان محبت گهرجي،ٻاٽيرا مقابلو نه ڪندا،مينگل

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) سردار اختر مينگل پي ڊي ايم جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان جمهوريت لاءِ هر وقت قرباني ڏني آهي پر افسوس تي جمهوريت بلوچستان کي اهو ڪجهه ناهي ڏنو جيڪو ملڻ گهرجي ها. هن سب سي پهلي گردن هماري ڪٽي وارو شعر پڙهندي شڪوه ڪئي. هن چيوته اسانجي لاپته ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڌرڻا لڳل آهن، اسين ڪنهن عهدي يا نوڪري لاءِ نه اسين پنهنجي پيارن ۽ ٻارن جي بازيابي لاءِ احتجاج ٿا ڪريون. اسانکي عدالتن تي اعتماد آهي پر اوهانکي ناهي تڏهن ته کين پيش نٿا ڪريو؟ اوهان وٽ عدالتن جو احترام هجي ها ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس نه اچي ها، هر حڪومت جو منشي بڻيل، آئين ۽ قانون ٽوڙيندڙن کان ڪير نٿو پڇي پر بيگناهه بلوچ نوجوانن کي روز کنڀيو ٿو وڃي. غلط ريفرنس فائيل ڪندڙن کي به ته سزا ڏيو نه، هن چيو ته اسانجي قافلن کي روڪيو ويو آهي، موبائيل ۽ انٽرنيٽ بند آهي، هي ڊنل آهن. هن چيو ته اسانجي ٻچن کي اغوا ڪرڻ وارا ڪير آهن، چون ٿا نالو نه کڻو، پنجون فوجي آپريشن ڪنهن ڪيو، آئين ٽوڙڻ وارا ڪير آهن، اسانجو ته احتجاج ڪندي ڪندي ڏاڙهي سفيد ٿي وئي آهي. هن چيو ته تجربا ڪندي ڪندي ملڪ تباهه ڪيو اٿو، اوهان پنهنجي ڪم سان ڪم رکو، وردي لاهي اسانکي ڏيو، محمود خان کي ڏيو مولانا کي ڏيو، پوءِ ڀلي سياست ڪريو، سياست اوهانجو ڪم ناهي، سياست لاءِ وطن جي مٽيءَ سان محبت جي ضرورت هوندي آهي، اسين هن مٽيءَ لاءِ مرنداسين، اوهان جيڪي ٻاٽيرا سياستدان پاليا آهن اهي اسانجو مقابلو نه ڪري سگهندا. هن چيو ته محسن داوڙ قومي اسمبلي جو ميمبر آهي، هو سڀني صوبن ۾ خطاب ڪري ٿو پر بلوچستان ۾ خطاب جي اجازت نه ڏني اهو ئي ثبوت آهي بلوچستان تي قبضي جو. هن فوج جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته اسانجي ساهه جو مالڪ خدا آهي اوهان ناهيو. ميڊيا تي پابندي آهي، سياست تي پابندي آهي. هن چيو ته گوادر ۾ زميندارن جي زمين سرڪاري ملڪيت قرار ڏني پئي وڃي، ڪٺ پتلي صوبائي حڪومت ٻڌي ڇڏي ته گوادر هجي يا ٻيٽ هجن ان جا مالڪ مڇيرا آهن، هن چيو جيلن کان نه ڊيڄاريو، اوهان ڊڄنداسين، اوهان جي ابن ڏاڏن اسانجي ابن ڏاڏن سان به اهو ڪجهه ڪيو هو جيڪو اوهان اسان سان ٿا ڪريو. هن چيو ته پي ڊي ايم جو حصو ان شرط تي بڻيا آهيون ته اسين برابر جا شهري آهيون، بلوچستان مان نوآبادياتي نظام ختم ڪندا، بلوچستان کي حق ڏياريندا.

پهنجو تبصرو موڪليو