سليڪٽرٻڌو،آئين ۽ قانون کان ڪو به مٿي ناهي، هوتي

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ امير حيدر هوتي چيو ته حڪومت ڊڄي وئي آهي ۽ جلسي کي ناڪام بنائڻ لاءِ سيڪورٽي جو جواز ڄاڻائي جلسو ملتوي ڪرڻ جو چيو، محسن داوڙ کي موٽائي ڇڏيو، اسانکي 6 ڪلاڪ بند رکيو ويو. هن چيو ته بلوچستان جو پيغام اهو آهي ته عمران ناڪام آهي، جيڪي قوتون سندس پويان بيٺل آهن انهن لاءِ پيغام آهي ته آئين ۽ قانون کان ڪو به مٿي ناهي. هن چيو ته اسين باچا خان، ولي خان، مفتي محمود، شهيد بينظير ڀٽو، عبدالصمد خان اچڪزئي، سردار عطاءَ الله مينگل، سرادر خير بخش مري ۽ بزنجو جا پوئلڳ آهيون اسين ڊڄڻ وارا نه آهيون. هن چيو ته مالم جبا ۾ ڪير ملوث آهي، بي آر ٽي، هڪ ارب وڻن، فارين فنڊنگ ڪيس ڪنهن جي خلاف آهي. پاڻ کي ايماندار چوڻ وارا نيب جي پويا نه لڪو، سليڪٽڊ ادارن جي پويان نه لڪو، جهانگير ترين ڪنهن جو اي ٽي ايم آهي؟ ملڪ ۾ مهانگائي ڪري عوام کان جيئڻ جو حق کسيو آهي. عمران تون بلوچستان سان بيوفائي ڪئي، عوام کي حق نه ڏنا، اسين ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته بلوچ ۽ پٺاڻ گڏجي بلوچستان جو ڪيس وڙهنداسين، سنڌ، خيبر پختونخواه ۽ پنجاب جو ڪيس به وڙهنداسين. هن چيو ته کنڀي گم ڪيل ماڻهو ڪٿي آهن، ڪنهن تي الزام آهي ته عدالت ۾ پيش ڪريو، قانون ناهي ته قانون ٺاهيو. هن چيو ته اڳ ۾ چونڊ سڌارا پوءِ عام چونڊ ڪرائينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو