ٻيٽن تي وفاق کي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، شيرپائو

ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي آفتاب شير پائو چيو ته عمران خان اپوزيشن جي جلسن کان گهٻرائي وائڙو ٿي ويو آهي. هن چيو هو چوي ٿو ته نواز شريف کي وٺڻ لاءِ هو برطانيا ويندو، ڪيتري شرم جي ڳالهه آهي ته هو هلڪي ڳالهه ٿو ڪري، بيطانيا سان اسان جا بهتر لاڳاپا آهن جيڪي خراب ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته آءِ جي سنڌ کي اغوا ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي جيڪي به ذميوار آهن انهن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته حڪومت موبائيل سروس بند ڪئي ۽ محسن داوڙ کي ايئرپورٽ تان واپس ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي. ڇا ٿي پوي ها ته جيڪڏهن هو تقرير ڪري ها. هن چيو ته هن نا اهل حڪومت پاڻ کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ماڻهن کان ٻن وقتن جي ماني کسي وئي آهي، اٽو موجود ناهي، سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي وفاق قبضو ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو اسانکي قبول ناهي، صوبائي خودمختياري جو احترام ڪرڻ گهرجي، صوبن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ سان ئي ملڪ مضبوط ٿيندو.18هين ترميم هيٺ مليل اختيار واپس وٺڻ لاءِ بهانا ڳوليا پيا وڃن. هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ مان ملندڙ رقم صوبن لاءِ گهٽ آهي پر ان جي باوجود وفاقي حڪومت پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ اين ايف سي ۽ 18 هين ترميم ختم ڪرڻ چاهن ٿا. هن چيو ته ملڪ جا وسيلا پوئتي پيل صوبن تي خرچ ڪريو. هن چيو ته ٻيهر شفاف عام چونڊون ڪرايون وڃن ۽ پارليمان جي بالادستي يقيني بڻائي وڃي ۽ هن يو ٽرن حڪومت مان جان ڇڏائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو