پي ڊي ايم جو ڪوئٽا ۾ جلسو جاري، موبائيل سروس معطل

ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن جي اتحاد پي ڊي ايم پاران ڪوئيٽا جي ايوب پارڪ ۾ جلسو جاري آهي، پهرين تقرير مولانا اويس نوراني ڪندي چيو ته چونڊون چوارئڻ وارن جو پيڇو ڪنداسين، جنرل مشرف آئين ٽوڙيو سندس احتساب ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته احتساب جي نالي ۾ اپوزيشن کي نشانو بنايو ٿو وڃي. هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته نواز شريف کي وٺڻ هو لنڊن ويندو، تون ويندين ته توکي قرنطينه ڪري ڇڏيندا. مولانا فضل الرحمان، مريم نواز ۽ ٻيا اڳواڻ جلسه گاهه ۾ پهچي ويا آهن. اپوزيشن پارٽيز جي قيادت ۽ اڳواڻ جلسي ۾ شرڪت لاءِ گذريل ڏينهن کان ڪوئٽا پهتل، جلسي گاهه تي ڪارڪنن جي آمد جاري، جلسي کي اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان، محمود خان اچڪزئي، سردار اختر مينگل ۽ ٻيا خطاب ڪندا، مريم نواز به پارٽي اڳواڻن سان گڏ جلسي ۾ شرڪت لاءِ ڪوئيٽا پهچي چڪي آهي. پي ڊي ايم قيادت دعويٰ ڪئي آهي ته گجرانوالا ۽ ڪراچي جيان ڪوئيٽا ۾ به تاريخي جلسو ڪيو ويندو، بلوچستان حڪومت طرفان سيڪيورٽي خدشن سبب جلسي جي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪندي 5000 کان مٿي پوليس ۽ ايف سي سوڌو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار مقرر آهن، جلسي گاهه جي ڊرون ذريعي نگراني ڪئي ويندي، ڪوئيٽا ۾ قلم 144 لاڳو ڪندي موٽر سائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي، شهر جي مختلف علائقن ۾ رات 8 وڳي تائين موبائيل سروس معطل ڪئي وئي آهي. اپوزيشن الزام هنيو آهي ته موبائيل سروس معطل ڪري ويڊيو لنڪ ذريعي اڳواڻن جي خطاب کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. صوبائي حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي جو چوڻ آهي ته نيڪٽا جي جاري ڪيل خطري واري الرٽ سبب موبائيل سروس بند ڪئي وئي آهي. وچ شهر ۾ واقع ايوب اسٽيڊيم ماضي ۾ ڪا به جماعت ڀري ناهي سگهي. جي يو آءِ، محمود خان اچڪزئي ۽ سردار اختر مينگل هتي جلسا ڪري چڪا آهن. 19 نومبر 2002 ۾ ايمل ڪانسي جي جنازي نماز وقت هي اسٽيڊيم مڪمل ڀرجي ويو هو. آمريڪا ۾ سي آءِ اي جي ٻن ايجنٽن کي قتل ڪري فرار ٿيندڙ ايمل ڪانسي کي تڏهوڪي صدر داروق لغاري گرفتار ڪرائي امريڪا حوالي ڪيو هو جتي کيس زهر جي انجيڪشن ذريعي موت جي سز ڏني وئي هئي. سندسن جنازي نماز ۾ ڪور ڪمانڊر سميت صوبائي حڪومت جا نمائندا به شريڪ ٿيا هئا. 2019 ۾ مريم نواز جي مان ۾ محمود خان اچڪزئي هتي وڏو جلسو ڪرايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو