سي ٽي ڊي جي ڪاروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا

سکر (بيورو رپورٽ)سي ٽي ڊي جي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، ڪراچي گارڊن جي سي ٽي ڊي ٽيم مقامي پوليس سان رابطي بعد سکر جي جعفر روڊ تي ڪارروائي ڪئي، مقابلي ۾ پابندي مڙهيل جماعت حريڪ طالبان جا 2 دهشتگرد مارجي ويا. پوليس  موجب ماريل دهشتگردن جا لاش سول اسپتال جي مرده خاني ۾ پيل آهن، سي ٽي ڊي انچارج چوڌري صفدر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، ڌماڪيدار مادو ۽ موٽر سائيڪل ملي آهي، سي ٽي ڊي انچارج ٻڌايو ته دهشتگردن کي بخش نه ڪيو ويندو، مارجي ويل دهشتگرد پابندي مڙهيل تنظيم جا ميمبر آهن، وڌيڪ جاچ جاري آهي .ٻنهي دهشتگردن بابت معلومات ڪراچي ۾ گرفتار ڪيل دهشتگردن پاران ڏنل ڄاڻ بعد ڪاروائي ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو