ٽڪ ٽوڪ تي بندش خلاف پي ٽي اي کي نوٽيس جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ٽڪ ٽاڪ بندش فيصلي کي فوري معطل ڪرڻ جي درخواست تي به پي ٽي اي کي نوٽيس جاري، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته ڇو نه ڪيس جي حتمي فيصلي تائين پي ٽي اي جو فيصلو معطل ڪيووڃي، ٽڪ ٽاڪ بندش جي پي ٽي اي جي فيصلي جي خلاف درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو ويو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ٽن صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو . عدالت پي ٽي اي کي چيو ته اوهان قانون جو غللط استعمال نه ڪريو، اوهان اڃا تائين رولز به نه ٺاهيا آهن. عدالت پي ايف يو جي، جي صدر شهزاده ذولفقار، پاڪستان بار ڪائونسل جي نائب صدر عابد ساقي ۽ صحافي مظهر عباس کي آن لائن صحافتي آئوٽ ليٽ بند ڪرڻ واري ڪيس ۾ عدالتي معاون مقرر ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو