پوپ فرانسس جو مائيڪ پومپيو سان ملاقات کان انڪار

پوپ فرانسس جو مائيڪ پومپيو سان ملاقات کان انڪار

ڪراچي (ويب ديسڪ) پوپ فرانسس آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري مائيڪ پومپيو سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ويٽيڪن سٽي پومپيو جي ملاقات جي درخواست رد ڪندي ٻڌايو آهي ته پوپ چونڊ مهم دوران ڪنهن اڳواڻ سان ناهي ملندو. ويٽيڪن جي هن اعلان بعد ڪيٿولڪ چرچ ۽ چين ۾ ٿيل معاهدي بابت مائيڪ پومپيو جي ڏنل بيان کانپوءِ ڌرين ۾ اختلاف تيز ٿي ويا آهن. پومپيو گذريل مهيني لکيل هڪ مضمون ۾ چيو هو ته بشپ جي مقرري بابت چين سان معاهدي کي ورجائڻ سان ڪيٿولڪ چرچ پنهنجي اخلاقي قدرن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ويٽيڪن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پومپيو چين سان ٿيل معاهدي جي حوالي سان پوپ سان ملي نومبر ۾ رٿيل آمريڪي صدارتي چونڊ تي اثر انداز ٿيڻ چاهي ٿو. ياد رهي ته چين ڪيٿولڪ چرچز کي انڊر گرائونڊ ڪري رهيو آهي ۽ چين ۾ موجود چرچز پاڻ کي چيني ڪيٿولڪ اتحاد بدران پوپ سان ڳنڍي رهيا آهن. مائيڪ پومپيو جيڪو اٽلي م موجود آهي تنهن چيو آهي ته پوپ کي گهرجي ته هو چين سان مذهبي آزادي بابت ڳالهائي.

پهنجو تبصرو موڪليو