سام سنگ پاران سمارٽ فونز جي قيمتن ۾ گهٽتائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ سمارٽ فونز وڪرو ڪندڙ ڪوريائي ڪمپني سام سنگ پاڪستان ۾ پنهنجي سمارٽ فونز جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. ڪمپني پاران ٽوئٽر تي ڪيل اعلان موجب گيليڪسي اي 51، گيليڪسي اي 10 ۽ 11، گيليڪسي ايم 11 فونز جون قيمتون گهٽ ڪرن جو اعلان ڪيو ويو آهي. گيليڪسي اي 11 فون 54 هزار بدران 50 هزار ۾ فور جي بي ريم وارو ۽ 8 جي بي ريم واري جي فون جي قيمت 58 هزار مان 55 هزار ڪئي وئي آهي. گيليڪسي اي 11 ج قيمت ۾ 2 هزار روپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي. 21 هزار مان 19 هزار روپين ۾ اهو فون وڪرو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو