ريپسٽ جا عضوا ڪٽڻ گهرجن، طارق جميل اڳتي اچي، بشريٰ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موٽروي ريپ ڪيس بعد ملڪ ۾ نئون بحث ڇڙيل آهي ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. ڪي چون ٿا ته کين کلي عام ڦاهي ڏيو پر سينئر اداڪارا بشريٰ انصاري مطالبو ڪيو آهي ته ٻارن ۽ عورتن سان جنسي ڏاڍ ڪندڙن جا هٿ پيرن سميت اهي عضوا ڪٽڻ گهرجن جن سان هو زيادتي ڪن ٿا. انسٽاگرام تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ريپ وڪٽم سڄي زندگي عذاب ۾ گذارين ٿا ۽ جوابدارن کي به سڄي زندگي عذاب ۾ گزارڻ جهڙي سزا ملڻ گهرجي. هن مولانا طارق جميل تي زور ڀريو ته هو اڳتي اچي ريپ جي معاملن ۾ کيس احتجاج ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو