بحرين به اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪري ڇڏيا

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته متحده عرب امارات کانپوءِ بحرين به اسرائيل سان سفارتي تعلقات بحال ڪري ڇڏيا آهن. هڪ مهيني اندر هي ٻيو عرب ملڪ آهي جنهن تعلقات بحال ڪيا آهن. ڊونلڊ ٽرمپ ڪيل ٽوئيٽ ۾ خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

بحرين جي بادشاهه حماد بن عيسيٰ الخليفه معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ٻنهي ملڪن ۾ اڏامن جي بحالي، سيڪورٽي، تجارت، زراعت، تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون ڪيو ويندو. ايندڙ اڱاري تي وائٽ هائوس ۾ اسرائيل، متحده عرب امارات ۽ بحرين باضابطه طور معاهدي تي صحيحون ڪندا. ياد رهي ته فلسطين ۽ ڪجهه عرب ملڪن پاران ان تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ويو هو ته اها فلسطيني ڪاز سان غداري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو