ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي مشهور ريپر ۽ گلوڪار ڪانيي ويسٽ تي هڪ ٽيڪنالوجي ڪمپني فارمولو چورائڻ جو الزام هڻندي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ڪانيي ويسٽ جون ۾ آمريڪي صدارتي الڪيشن وڙهڻ جو به اعلان ڪيو هو. برطانوي اخبار انڊپينڊنٽ ۾ شايع ٿيل هڪ رپورٽ ۾ آمريڪي شوبز ويب سائيٽ ٽي ايم زيڊ ۽ پچ ورڪ جو حوالي سان ٻڌايو آهي ته ماءِ چينل نامي ميوزڪ ڪمپني آمريڪي عدالت ۾ 43 سالن جي ڪانيي تي 2 ڪروڙ ڊالر يعني ساڍا ٽي ارب روپيا پاڪستاني جي هرجاڻي جي دعويٰ ڪئي آهي. ڪمپني جو چوڻ آهي ته ڪانيي ڪمپني سان شراڪت داري جو معاهدو ڪيو ۽ هڪ ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري به ڪئي پر هن ڪمپني جو فارمولو چورائي پنهنجي ذاتي ڪمپني سنڊي سروس ويڊيوز ٽيڪنالوجي ۾ استعمال ڪيو.ياد رهي ته ڪانيي ويسٽ ڪجهه رياستن مان چونڊ وڙهڻ لاءِ رجسٽريشن ڪرائي آهي جڏهن ته ڪجهه رياستن ۾ تاريخ ختم ٿي وئي آهي ان جو مطلب ته انهن رياستن مان کيس ووٽ نه مي سگهندو.










