پرڏيهي وزير قريشي هڪ ڏينهن جي دوري تي چين روانو

پرڏيهي وزير قريشي هڪ ڏينهن جي دوري تي چين روانو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿي ويو. هو پاڪ چين پرڏيهي وزيرن جي اسٽريٽجڪ ڊائلاگ ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هو  چين جي شهرهينان ۾ رٿيل اجلاس ۾ شرڪت بعد سڀاڻي واپس وطن ورندو. هن سان گڏ پرڏيهي کاتي جا آفيسر به ويا آهن. چين پاڪستان جو دوست ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ عالمي، خطي ۽ ٻه طرفن سياسي، معاشي ۽ فوجي تعاون بابت ڳالهه ٻولهه ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو