جنرل باجوا جون سعودي عهديدارن سان اهم ملاقاتون

جنرل باجوا جون سعودي عهديدارن سان اهم ملاقاتون

رياض (ويب ديسڪ) پاڪستان جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا رياض ۾ سعودي عرب جي ڊپٽي ڊفينس منسٽر پرنس خالد بن سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن فوجي ۽ دفاعي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. عرب نيوز موجب پرنس خالد چيو ته اسان علائقائي سلامتي ۽ دفاعي تعاون بابت ڳالهيون ڪيون.

آرمي چيف جنرل باجوا سعودي عرب جي هم منصب فياد بن حامد الرويلي سان به ملاقات ڪئي هئي. سومر تي آءِ ايس آءِ جي سربراهه سان گڏ جنرل باجوا رياض پهتو هو. ملاقات بابت آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته هي دورو اڳ م طئي هو جنهن فوجي مشقن ۽ تعاون بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن ۾ ڀائيچاري وارا تعلقات آهن پر تازو پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود  قريشي جي ڪشمير ۾ ڀارت ظلمن بابت اسلامي ملڪن جي تنظيم پاران رد عمل ظاهر نه ڪرڻ بابت ڏنل بيان سبب تلخي پيدا ٿي هئي. سعودي عرب 2018 ۾ پاڪستان کي 3 ارب ڊالي روڪ ۽ 3.2 ارب ڊالر جي اوڌر تي تيل جي سهولت ڏني هئي. جنهن بعد هڪ ارب ڊالر فوري طلب ڪيو ويو جيڪو چين کان وٺي پاڪستان سعودي عرب کي واپس ڪيو هو. جنهن بعد اسلام آباد ۾ تعينات سعودي سفير پنجاب جي وڏي وزير ۽ آرمي چيف سان ڪيل ملاقاتن بعد چيو هو ته پاڪستان دوست ملڪ آهي ان کي مشڪل وقت ۾ نه ڇڏينداسين ۽ نه ئي اڳ ۾ ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو