اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري سوڌو 13 جوابدارن خلاف چارج شيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. چارج شيٽ ۾ چيو ويو آهي ته آصف زرداري طرفان يونس قدوائي ۽ اقبال ميمڻ ذريعي جعلي ڪپني پارٿينن قائم ڪئي وئي، نيشنل بئنڪ کان فراڊ ذريعي قرض وٺڻ جو منصوبو ٺاهيو ۽ پوءِ جعلي ڪمپني مان رقم پنهنجي ڪمپني جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي. ڪرائيم پروسيڊ لڪائڻ لاءِ ڏيڍ ارب رُپين جي رقم جعلي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي گهُمائي وئي، آصف زرداري چيو آهي ته هي الزام ڪوڙا آهن انهن کي رد ڪريان ٿو ۽ عدالت ۾ پنهنجو ڀرپور دفاع ڪندس.










